پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو فواد چوڌري جي گهر واري حبه چوڌري کي فون ڪري فواد چوڌري جي گرفتاري جي مذمت ڪندي مڪمل سهڪار جي خاطري،
عمران خان چيو آهي ته هاڻي پاڪستان جي بنانا ريپبلڪ هئڻ ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو،
مونکي امپورٽيڊ حڪومت گرفتار نه ٿي ڪري سگهي، ملڪ جو 22 ڪروڙ عوام اسان سان گڏ آهي، فواد چوڌري خلاف ڪيس انتقامي ڪارروائي آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، بنيادي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي…
سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي حبه چوڌري چيو ته ‘فواد چوڌري سان نامناسب سلوڪ ڪيو ويو، اسان جي گاڏي جي چاٻي اڇلائي وئي، تمام گهڻو پريشان آهيان،’
فواد چوہدری کے ساتھ غیرمناسب سلوک کیا گیا، ہماری گاڑی کی چابی دور پھینک دی گئی، میں بہت پریشان ہوں، دل خون کے آنسو رو رہا کہ کیا حال کر دیا پاکستان کا ۔
— Hiba Fawad Chauhdri (@HibaFawadCH) January 25, 2023