اڳوڻي آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت 2019ع ۾ ايٽمي جنگ جي ويجهو پهچي ويا هئا.
پلوامه حملي کانپوءِ 2019 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي جنگ جي ويجهو پهچي ويا هيا،
جنهن کي آمريڪا ٽاريو؛ آمريڪي جي اڳوڻي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي دعويٰ، پنهنجي لکيل ڪتاب “ ‘Never Give an Inch: Fighting for the America I Love ” ۾ مائيڪ پومپيو دعويٰ ڪئي آهي ته شايد دنيا کي خبر ناهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فيبروري 2019 ۾ ايٽمي جنگ جي ويجهو پهچي چڪا هيا پر آمريڪي سفارتڪارن ٻنهي ملڪن کي ائين ڪرڻ کان روڪيو ۽ معاملو حل ڪرايو.
پومپيو جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ 41 ڀارتي اهلڪارن جي مارجڻ کانپوءِ ڀارت هوائي حملو ڪيو، پاڪستان ڀارتي جنگي جهاز کي ڪيرايو ۽ پائلٽ کي گرفتار ڪري ورتو، مان ان وقت هنوئي ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ هئس.
ياد رهي ته پاڪستان جي حدن ۾ ڪري تباهه ٿيل جهاز جي پائليٽ کي پاڪستان حراست ۾ ورتو هو، جنهن جو نالو ونگ ڪمانڊر اڀي نندن هو، جنهن کي بعد ۾ واگها بارڊر ذريعي باعزت طريقي سان ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويو.