فلمي دنيا جي مشهور ترين آسڪر ايوارڊز جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فلم ايوري ٿنگ ايوري وير آل ايٽ ونس 11 نامزدگين سان پهرين نمبر تي رهي آهي.
هن هالي ووڊ سائنس فڪشن فلم کي بهترين فلم، بهترين ڊائريڪٽر، بهترين اداڪاره، بهترين معاون اداڪاره ۽ بهترين معاون اداڪار لاءِ نامزد ڪيو ويو.
95 هين آسڪرز ۾، بهترين فلمن جي نامزدگين ۾ ايوري ٿنگ، ايوري وير، آل ايٽ ونس، اوتار، دي وے آف واٽر، ٽي آر، ايلوس، دي فابلمينس، دي بنشيز آف انيشرين، ٽاپ گن ماورڪ، آل ڪوئيٽ آن ويسٽرن فرنٽ،وچ ۾ مقابلا ٿيندا.
بينشيز آف انشرين کي ڪل 9 ايوارڊز لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، خاص طور تي اداڪاري جي ڪيٽيگريز ۾، جنهن ۾ ان جا 4 اداڪار حصو وٺندا.
Watch the 95th Oscar Nominations Announcement LIVE Tuesday, January 24th at 8:30AM ET | 5:30AM PT https://t.co/zg3r2MXmqX
— The Academy (@TheAcademy) January 24, 2023
آل ڪوئٽ آن دي ويسٽرن فرنٽ ۽ ايلوس کي 8، 8 انعامن لاءِ نامزد ڪيو ويو.
The Fabelmans کي مجموعي طور تي 7 انعامن لاء نامزد ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بهترين ڊائريڪٽر جي به انعام شامل آهي.
ٽاپ گن ماورڪ کي 6 نامزدگيون مليون پر ٽام ڪروز پاڻ بهترين اداڪار جي نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
پاڪستاني فلم جوي لينڊ پرڏيهي فلمن جي ڪيٽيگري ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهي پر ڀارتي فلم ’آر آر آر‘ جو گانو Naatu Naatu بهترين گيت جي ڪيٽيگري ۾ نامزدگي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
واضح رهي ته آسڪر ايوارڊز جي تقريب 12 مارچ تي ٿيندي.