پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري کي پوليس لاهور مان گرفتار ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته فواد چوڌري کي پوليس سندس گهر مان گرفتار ڪيو آهي.
فواد چوہدری کو پولیس نے ان کے گھر سے ابھی گرفتار کرلیا ہے۔ امپورٹڈ حکومت بوکھلاہٹ کا شکار ہوگئی ہے
— Farrukh Habib (@FarrukhHabibISF) January 25, 2023
پي ٽي آءِ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته امپورٽ ٿيل حڪومت مونجهاري جو شڪار ٿي وئي آهي.
ٻئي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب ٻه وڊيوز شيئر ڪيون ۽ دعويٰ ڪئي ته هي پوليس گاڏيون فواد چوڌري کي گرفتار ڪري کڻي وڃي رهيون آهن.
پولیس کی یہ گاڑیاں فواد چوہدری کو گرفتار کرکے لے جارہی ہے pic.twitter.com/CJXiAHO3fQ
— Farrukh Habib (@FarrukhHabibISF) January 25, 2023
ٻئي طرف پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي اسلام آباد پوليس لاهور ۾ ٺوڪر نياز بيگ ڀرسان سندس رهائشگاهه تان گرفتار ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري کي هن وقت لاهور ۾ اڻڄاتل هنڌ تي رکيو ويو آهي پر کيس ڪجهه دير ۾ اسلام آباد آندو ويندو.
واضح رهي ته ڪجهه ڪلاڪ اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري پوليس کي چيلينج ڪندي چيو هو ته پوليس کي دعوت ڏيان ٿو عمران خان کي گرفتار ڪري جيڪڏهن همت آهي.
سندس چوڻ هو ته رپورٽ ملي آهي ته پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙي رهي آهي، عمران خان خلاف ڪو به ڪيس ناهي، پوليس عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان اسان جي شرافت کي ڪمزوري سمجهندا ته اها توهان جي غلطي هوندي، سڄي پاڪستان ۾ احتجاج ٿيندا، سمورن شهرن ۾ لاڪ ڊائون ڪيو ويندو.