سنڌ

January 24, 2023 8:56 pm

حيدرآباد ميونسپل اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي 95 سيٽون کٽي ورتيون

اليڪشن ڪميشن حيدرآباد ضلعي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جا نتيجا جاري ڪري ڇڏيا آهن، پيپلز پارٽي 95 سيٽون کٽي ورتيون آهن.

حيدرآباد ضلعي جي 160 يو ايس سيز مان 153 جي نتيجن تي پارٽي پوزيشن تيار ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب تحريڪ انصاف 40 يو ايس سيز، آزاد اميدوارن 15، تحريڪ لبيڪ 2 ۽ جماعت اسلامي هڪ سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

حيدرآباد ضلعي جي 5 سيٽن تي اميدوارن جي فوت ٿيڻ سبب چونڊون نه ٿيون، جڏهن ته 2 سيٽن تي تشدد جي واقعن سبب نتيجا روڪيا ويا.

وڌيڪ پڙهو: