پاڪستان

January 24, 2023 7:47 pm

مهانگائي گهٽائڻ جون دعوائون ڪري اقتدار ۾ آيل حڪمرانن عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا

مهانگائي گهٽائڻ جون دعوائون ڪري اقتدار ۾ آيل حڪمرانن عوام جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، حڪومت قرض جي نئين قسط وٺڻ لاءِ تيل ۽ گيس اگهن ۾ واڌ سميت آءِ ايم ايف جا سمورا سخت شرط مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي، آءِ ايم ايف سان ورچوئل ڳالهين دوران ناڻي واري وزارت پاران قرض جو نائون پروگرام بحال ڪرڻ تي زور، آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي، رپئي جي قدر کي مصنوعي طريقي سان نه روڪڻ ۽ مختلف شعبن کي ڏنل استثنا ختم ڪرڻ سميت ڪيترائي سخت شرط رکي ڇڏيا، پاڪستان گيس قيمتن ۾ اضافي، تيل اگهن ۾ مرحليوار واڌ ۽ ٽيڪس اوڳاڙي جا هدف پورا ڪرڻ وارا شرط اڳواٽ مڃي ورتا، پاڪستاني وفد چيو ته گيس تي گردشي قرض به ختم ڪيا ويندا.

وڌيڪ پڙهو: