برطانوي گهرو سيڪريٽري سائمن موري اعتراف ڪيو آهي ته پناهگيرن جا 200 ٻار غائب آهن.
برطانوي ميڊيا موجب سائمن موري جو چوڻ آهي ته سمورن ٻارن کي هوم آفيس جي انتظام هيٺ هوٽلن ۾ رکيو ويو، گم ٿيل ٻارن ۾ هڪ ڇوڪري ۽ 16 سالن کان گهٽ عمر جا 13 ٻار شامل آهن.
برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته هوم آفيس جي وزير سائمن موري سومر تي هائوس آف لارڊز کي ٻارن جي گمشدگي بابت ٻڌايو.
هڪ وائيٽ بلور دعويٰ ڪئي ته ڪجهه ٻارن کي هوٽل جي ٻاهران اغوا ڪيو ويو ۽ ڪارن ۾ کڻي ويا.