بين الاقوامي

January 24, 2023 1:16 pm

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ ٻن ڏينهن دوران 18 ڄڻا مارجي ويا

آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا، جنهن کانپوءِ ٻن ڏينهن ۾ مارجي ويلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب فائرنگ جي هي واقعو ڪيليفورنيا جي شهر هاف مون بي ۾ پيش آيو، جتي هڪ هٿياربند پنهنجي اڳوڻي ساٿين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.

ميڊيا رپورٽن موجب فائرنگ ۾ مارجي ويلن ۾ چيني آمريڪي فارم ورڪرز به شامل آهن، جڏهن ته پوليس واقعي ۾ ملوث 67 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جيڪي چيني شهري ٻڌايو وڃي ٿو.

ان کان اڳ گذريل ڏينهن ڪيليفورنيا جي شهر لاس اينجلس ۾ مونٽيري پارڪ جي ويجهو ان وقت فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جڏهن چيني ماڻهو نئين سال جي شروعات جو جشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا، ان واقعي ۾ هينئر تائين 11 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

وڌيڪ پڙهو: