رانديون

January 24, 2023 1:00 pm

پاڪستان لاءِ ڪوچنگ، مڪي آرٿر لاءِ صورتحال مشڪل بڻجي وئي

برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر لاءِ صورتحال ڏکي ٿيندي پئي وڃي.

برطانوي ميڊيا موجب مڪي آرٿر جي ڊربي شائر جي هيڊ ڪوچ جي حيثيت ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ هو ڊربي شائر جي هيڊ ڪوچ طور برقرار رهڻ جو امڪان آهي، هن جو ڊربي شائر سان 2025 تائين معاهدو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب نجم سيٺي جي بيان کانپوءِ مڪي آرٿر ڊربي شائر جي سربراهه کي پنهنجو موقف واضح ڪري ڇڏيو، هيڊ ڪوچ ٿيڻ تي مڪي آرٿر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ پي سي بي طرفان معاملو ختم ڪرڻ جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو هو.

واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نجم سيٺي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته مڪي آرٿر جو چيپٽر بند ناهي ٿيو، مان اڃا ساڻس رابطي ۾ آهيان، معاملو 90 سيڪڙو حل ٿي چڪو آهي.

نجم سيٺي چيو ته اميد آهي ته مڪي آرٿر جلد اسان جي ٽيم جو حصو هوندو.

وڌيڪ پڙهو: