ايران ۾ 3 عورت صحافين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. انهن صحافين جي گرفتاري جو سبب ظاهر نه ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ايران ۾ حراست ۾ ورتل ڇوڪري مهسا اميني جي موت خلاف احتجاج ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
انهن احتجاجن ۾ هينئر تائين 80 صحافين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
خابرو اداري موجب ٽن عورتن صحافين کي گذريل ٻن ڏينهن ۾ تهران مان گرفتار ڪيو ويو.
گرفتاري کانپوءِ کيس ايون جيل منتقل ڪيو ويو آهي،
جتي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪري احتجاج ڪيو پيو وڃي.