شوبز

January 23, 2023 9:18 pm

”پٺاڻ“ جون 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جون ٽڪيٽون رليز ٿيڻ کان اڳ ئي وڪرو

شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ نه رڳو هندي پر ڏکڻ هندستاني سينما گهرن ۾ به بلاڪ بسٽر اوپن ڪئي آهي.

شاهه رخ خان چئن سالن کانپوءِ يش راج پروڊڪشن جي فلم سان وڏي اسڪرين تي واپس اچي رهيو آهي.

فلم جي رليز جي تاريخ 25 جنوري آهي پر ٽڪيٽن جي ايڊوانس بکنگ شروع ٿي چڪي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب پٺاڻن جون 20 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جون ٽڪيٽون اڄ وڪڻيون وينديون.

ٽڪيٽون آن لائين پليٽ فارمن تي وڪري تي آهن، جتي 1 ملين ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها شاهه رخ خان جي پهرين فلم هوندي جيڪا صبح 6 وڳي رليز ٿيندي.

وڌيڪ پڙهو: