top_news

اهم خبرون

سنڌ

January 12, 2023 6:49 pm

ڪراچي جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي، ايم ڪيو ايم جا ٽئي ڌڙا گڏجي ويا

ڪراچي جي سياست ۾ ڊرامائي تبديلي، ايم ڪيو ايم جا ٽئي ڌڙا گڏجي ويا، 15 جنوري تي رٿيل مڪاني چونڊون روڪڻ جي ڌمڪي،  ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهادر آباد مرڪز تي پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم بحالي تحريڪ جي اڳواڻن پنهنجيون پارٽيز هڪ ڀيرو ٻيهر ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، خالد مقبول صديقي چيو آهي ته 15 جنوري ڪنهن به صورت ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ نه ڏينداسين، فاروق ستار چيو آهي ته شاهراهه فيصل بلاڪ ڪيو ته پوءِ دنيا ڏسندي ته 15 جنوري تي ڪئين ٿيون مڪاني چونڊون ٿين، هاڻ فيصلا ايوانن ۾ نه پر روڊن تي ٿيندا، خالد مقبول کي صلاح ڏني آهي ته وفاقي حڪومت مان ڌار ٿي وڃو، مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي کي “را” جي چنبي مان ان لاءِ آزاد نه ڪرايو هو ته آصف زرداري ان کي پنهنجي جاگير سمجهي، آصف زرداري بلاول کي وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿو ته ڪراچي وارن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.

وڌيڪ پڙهو: