ڀارت ۾ تڪرارن کي منهن ڏيڻ واري بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ کي عالمي سطح تي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جرمني ۽ ڪينيڊا ۾ فلمن جي ٽڪيٽن جي ايڊوانس بکنگ جاري آهي.
رپورٽ موجب فلم جي رليز ٿيڻ کان اڳ جرمني جي شهرن ڊيميٽر، ميونخ، برلن، آفن بيخ، هينوور، هاربرگ ۽ ايسن ۾ فلم جي شوقينن جو وڏو تعداد فلم جي ٽڪيٽن جي خريداري تي نظر اچي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ هڪ ٽوئيٽر صارف جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ڪئناڊا ۾ فلم ”پٺاڻ“ جون سموريون ٽڪيٽون اڳواٽ وڪرو ٿي چڪيون آهن.
ياد رهي ته شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ تي مودي جي هندوتوا ڀارت ۾ انتها پسندن پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي رياست مڌيا پرديش جي گهرو وزير نروتم مشرا به ڪپڙن جي رنگن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي دپيڪا پڊوڪون ۽ شاهه رخ خان کي فلم ”پٺاڻ“ جي گاني ”بي شرم رنگ“ ۾ لباس پهريل نظر آيا ۽ مطالبو ڪيو.