پاڪستان

November 24, 2022 4:56 pm

هاڻ صدر ۽ عمران خان جو امتحان آهي,  دفاع جي وزير خواجا آصف

دفاع جي وزير خواجا آصف  چيو آهي ته پاڪ فوج  جي اعليٰ ترين عهدن آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف  ڪميٽي جي ايڊوائيس صدر عارف علوي  وٽ هلي وئي آهي، هاڻ صدر ۽ عمران خان جو امتحان آهي.

پاڪ فوج جي اعليٰ ترين عهدن جي مقرري جي حوالي سان وزير اعظم شهباز شريف  جي صدارت هيٺ وزير اعظم هائوس  ۾ اتحادي اڳواڻن ۽ ڪابينا  جو اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس کانپوءِ  ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف  چيو ته هاڻ عمران خان جو امتحان آهي ته اهو وطن جي دفاع  جي اداري  کي مضبوط  بنائڻ  گهري ٿو يا تڪراري؟.

ان جو چوڻ هو ته هي صدر عارف علوي جو به امتحان آهي ته اهو سياسي ايڊوائيس تي عمل ڪندو يا آئيني ۽ قانوني  ايڊوائيس تي؟

خواجا آصف چيو ته فوج جي سپريم ڪمانڊر  جي حيثيت ۾  اداري کي سياسي تڪرارن کان محفوظ رکڻ صدر عارف علوي جو فرض آهي.

وڌيڪ پڙهو: