اهم خبرون

November 24, 2022 4:52 pm

وفاقي حڪومت  ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف  ڪميٽي جو چيئرمين  مقرر ڪري ڇڏيو

وفاقي حڪومت  ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف ۽ ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف  ڪميٽي جو چيئرمين  مقرر ڪري ڇڏيو .

سڌ سماءُ جي وفاقي وزير  مريم اورنگزيب  چيو آهي ته وزير اعظم پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي نئون آرمي چيف مقرر  ڪيو آهي، جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل  ساحر شمشاد کي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا  سان ڳالهائيندي  مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته نين مقررين جي حوالي سان  سمري صدر عارف علوي  کي موڪلي وئي آهي.

ٻئي طرف صدر کي  کي سمري ملي وئي آهي، صدر جي منظوري کانپوءِ  آرمي چيف ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري جون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزير اعظم  جي ايڊوائس  تي ٻئي مقرريون ڪيون آهن.

وڌيڪ پڙهو: