اهم خبرون

پاڪستان

November 17, 2022 6:48 pm

عمران خان پنهنجي مٿان وڌيڪ حملن جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي مٿان وڌيڪ حملن جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو، آرمي چيف جي مقرري تي ڏسو  ۽ انتظار ڪريو جي پاليسي اختيار ڪرڻ جو فيصلو، عمران خان چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي حڪمران ڌر پريشان آهي، اسان جي پاليسي آهي ته ڏسو ۽ انتظار ڪريو، ڏيهي توڙي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته بدقسمتي سان سمجهان ٿو ته مونکي ٻيهر رستي تان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، محتاط ضرور ٿي ويو آهيان پر پنهنجي مقصد تان پوئتي نه هٽندس، اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف روس جي دوري کان واپسي تي ٿيا هئا، بوزدار کي نه هٽائڻ به اختلاف جو سبب هو، لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ تباهي طرف وڃي پيو، مون کي ڊڄ آهي ته موجوده حڪمران ملڪ ڇڏي فرار ٿي ويندا، ملڪ کي بچائڻ لاءِ هڪ ئي رستو آهي ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.

وڌيڪ پڙهو: