بين الاقوامي

دنيا

November 15, 2022 7:23 pm

اڄ دنيا جي آبادي 8 ارب ٿي ويندي، اقوام متحده

گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اڄ دنيا جي آبادي 8 ارب تائين پهچي ويندي، جڏهن ته 2030ع ۾ آبادي ساڍا 8 ارب ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.

گڏيل قومن جي تازي رپورٽ موجب دنيا جي آبادي 2050 ۾ 9.7 بلين ۽ هلندڙ صديءَ جي آخر ۾ 10.4 بلين ٿي ويندي.

سالياني آدمشماري رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته دنيا جي آبادي 1950ع کان پوءِ سست رفتاري سان وڌي رهي آهي.

گڏيل قومن جي تخميني مطابق، ڀارت 2023 تائين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري ملڪ جي حيثيت ۾ چين کي ختم ڪري ڇڏيندو.

وڌيڪ پڙهو: