بين الاقوامي

دنيا

November 15, 2022 7:18 pm

بالي ۾ برطانوي وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات

برطانوي وزيراعظم انڊونيشيا جي شهر بالي ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.

برطانوي وزيراعظم جي ترجمان ان حوالي سان بالي کي ٻڌايو ته برطانوي وزيراعظم سعودي ولي عهد سان توانائي مارڪيٽ جي استحڪام تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته برطانوي ۽ سعودي اڳواڻن جي ملاقات ۾ وچ اوڀر ۾ امن ۽ سلامتي کي درپيش خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو.

ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم رشي سونڪ پڻ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سعودي عرب سان گڏجي توانائي مارڪيٽن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: