بين الاقوامي

دنيا

October 19, 2022 2:08 pm

آمريڪا، جهاز جي مسافرن جو سفر آخري لمحن ۾ خوف ۽ افراتفري ۾ تبديل

آمريڪي ايئر لائنز جي اڏام تي مسافرن لاءِ خوشگوار سفر آخري لمحن دوران خوف ۽ افراتفري ۾ تبديل ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽامپا، فلوريڊا کان نيو جرسي ويندڙ اڏام جي مسافرن آخري لمحن ۾ جهاز ۾ نانگ ڏٺو، جنهن کانپوءِ اتي موجود ماڻهن ۾ خوف ۽ افراتفري پکڙجي وئي.

رپورٽن مطابق لاڳاپيل اختيارين جهاز مان نانگ کي پڪڙي جنگل ۾ ڇڏي ڏنو، جنهن دوران ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ آپريشن ۾ ڪو خلل نه پيو.

ايئر لائنز طرفان جاري ڪيل بيان موجب مسافرن جهاز جي عملي کي نانگ جي موجودگيءَ بابت آگاهي ڏني، جنهن بعد فوري طور تي لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو ويو.

آمريڪي اخبار ان واقعي بابت ٻڌائي ٿي ته بزنس ڪلاس جي مسافرن جهاز ۾ لينڊنگ کانپوءِ نانگ ڏٺو، جڏهن جهاز ٽيڪسي جي مرحلي ۾ هو.

وڌيڪ پڙهو: