شوبز

October 14, 2022 6:04 pm

فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ پهرين ڏينهن باڪس آفيس تي ڪمائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ کي قومي ۽ بين الاقوامي باڪس آفيس تي توقعن جي مطابق زبردست موٽ ملي رهي آهي.

ايڪشن سان ڀرپور پاڪستاني فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جنهن جو مداحن کي بي صبري سان انتظار هو، باڪس آفيس تي شاندار بزنس ڪري رهي آهي.

ذريعن موجب فلم رليز جي پهرين ڏينهن ڊوميسٽڪ باڪس آفيس تي 4.4 ڪروڙ رپيا ۽ انٽرنيشنل باڪس آفيس تي 4.9 ڪروڙ رپيا ڪمائي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح باڪس آفيس تي فلم جي پهرين ڏينهن جي مجموعي آمدني 9.3 ڪروڙ رپيا آهي.

اميد آهي ته فلم هن هفتي جي آخر تائين وڌيڪ رڪارڊ ٽوڙي ڪاروبار ڪندي.

فلم ’دي ليجنڊ آف مولا جٽ‘ پهرين پاڪستاني فلم آهي جيڪا 420 کان وڌيڪ پرڏيهي اسڪرينن تي رليز ڪئي وئي. ان کان علاوه اها پهرين پاڪستاني فلم پڻ آهي جيڪا سعودي عرب ۾ رليز ٿي.

بلال لاشاري جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم کي 30 کان وڌيڪ ملڪن ۾ هڪ ئي وقت رليز ڪيو ويو آهي.

پر بدقسمتي سان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ واري سياسي صورتحال سبب اها فلم ڀارت ۾ رليز نه ٿي سگهي.

پاڪستان ۾ هن شاندار فلم کي 138 اسڪرينن تي رليز ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب لاهور جي سمورن سئنيما هالن ۾ هن فلم جا شوز لڳاتار جاري آهن.

واضح رهي ته فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ پاڪستان جي هن وقت تائين جي سڀ کان وڌيڪ بجيٽ واري فلم آهي.

وڌيڪ پڙهو: