اهم خبرون

سنڌ

October 7, 2022 5:37 pm

دادو مان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي

دادو مان ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي.

شهباز ڪالوني مان طوبه پٺاڻ کي ٻه اڻڄاتل هٿياربند اغوا ڪري ويا، وارثن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته ٻه نامعلوم هٿياربند ڌيء طوبه کي رات هٿيارن جي زور تي  اغوا ڪري ويا آهن.

هنن چيو ته  معاملي جو نوٽيس وٺي ناري کي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.

ٻئي پاسي پوليس رپورٽ داخل ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون، جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

وڌيڪ پڙهو: