رانديون

October 7, 2022 5:02 pm

وومين ايشيا ڪپ ٽي 20 ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي

وومين ايشيا ڪپ ٽي 20 جي 13هين ميچ ۾ پاڪستان ڀارت کي شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي ڀارتي وومين ٽيم کي کٽڻ لاءِ 138 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.

پاڪستان طرفان ندا ڊار سڀ کان وڌيڪ 56 رنسون ٺاهيون.

هدف جي تعاقب ۾ ڀارتي وومين ٽيم آخري اوور ۾ 124 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان نشرا سنڌو 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، سعديه اقبال ۽ ندا ڊار 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان بسمه معروف ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي چيو ته ندا ڊار شاندار پرفارمنس ڏني، فتح جو ڪريڊٽ پوري ٽيم کي وڃي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ٿائلينڊ کان هارائڻ کانپوءِ هن پنهنجين خامين کي دور ڪيو.

ڀارتي ٽيم جي ڪپتان هرمن پريت ڪور چيو آهي ته پاڪستان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، پاڪستان کٽڻ جو ڪريڊٽ جو حقدار آهي.

هرمنپريت ڪور وڌيڪ چيو ته هدف حاصل ڪرڻ جوڳو هو، ڊاٽ بال تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا.

وڌيڪ پڙهو: