اهم خبرون

سنڌ

October 7, 2022 4:48 pm

گوليمار واري علائقي مان اغوا ڪيل ٻن نينگرن کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي

ڪنڌڪوٽ پوليس گوليمار واري علائقي مان اغوا ڪيل ٻن نينگرن عاشق علي ۽ اشفاق علي سومرو کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڌاڙيلن بڊاڻي مان اغوا ڪيل تنگواڻي واسي مغوي محمد بخش لاشاري جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ موجب گوليمار واري علائقي مان اغوا ڪيل ٻن نينگرن عاشق علي ۽ اشفاق علي سومرو کي مقابلي بعد بازياب ڪرايو ويو آهي.

ايس ايس پي موجب ڪچي ۾ مغوين کي ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ دوران پوليس پهتي ته مقابلي ٿي پيو، مقابلي دوران ڌاڙيل مغوين کي ڇڏي فرار ٿي ويا .

ٻي پاسي ڌاڙيلن بڊاڻي مان اغوا ڪيل تنگواڻي واسي محمد بخش لاشاري جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: