اهم خبرون

پاڪستان

October 7, 2022 3:21 pm

ملڪ ۾ ٻوڏ ۾ جيڪا تباهي آئي ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي:وفاقي وزير خورشيد شاهه

وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ ۾  جيڪا تباهي آئي ان جو ڪوبه مثال نٿو ملي،هلندڙ سال 30 کان 40 سيڪڙو وڌيڪ برساتون پيون،ملڪ ۾ هيل تائين برساتن جي حوالي سان ڪو به سروي نه ڪيو ويو آهي.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ بنيادي ڍانچي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪوبه ڪردار ناهي،پر ڀوڳي اسان رهيا آهيون.

وفاقي وزير چيو ته ٻوڏ دوران ٻه هزار کرب رپين جو نقصان ٿيو،سنڌ ۾ 80 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا،پاڻي بيٺو آهي، ڪجهه نه ڪيو ته کربين رپين جو نقصان ٿي ويندو.

خورشيد شاهه چيو ته ايوان ڇڏي ويندڙن کي درخواست آهي ته واپس اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته حڪومت ايندڙ مهيني بجلي جي بلز ۾ واضح ريليف ڏيندي.

هن چيو ته آگسٽ ۾ بجلي بلز ۾ 10 رپيا يونٽ اضافو ٿيو،300 يونٽ وارن کي 55 ارب رپين جو ريليف ڏئي چڪا آهيون،ٻوڏ متاثرن کي 10 ارب رپين جو ريليف ڏنو ويو.

وڌيڪ پڙهو: