اهم خبرون

پاڪستان

October 7, 2022 3:09 pm

لانگ مارچ کي پوري طاقت سان روڪينداسين:گهرو وزير راڻا ثناءُ الله

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته لانگ مارچ کي پوري طاقت سان روڪينداسين، اسلام آباد کي محفوظ بڻائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، عمران خان لانگ مارچ ذريعي اقتدار ۾ اچڻ گهري ٿو،

بي اعتمادي جي رٿ کان بچڻ لاءِ عمران خان ميمبرن جي خريداري ڪندو رهيو، اڄوڪي آڊيو ليڪ عمران خان کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ڪنهن کي چور ته ڪنهن کي ڌاڙيل سڏيندو رهيو آهي، هو چئي ٿو ته ضمير وڪرو ڪندڙن جي ٻارن سان ڪوبه شادي نه ڪندو،

حقيقي آزادي جي عمران خان کي خبر ناهي، صرف ڳالهيون ڪري ٿو، هن جو سائفر وارو معاملو به فراڊ هو.

وڌيڪ پڙهو: