پاڪستان

October 7, 2022 1:00 pm

اسلام آباد جي احتساب عدالت اسحاق ڊار جا رفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا

اسلام آباد جي احتساب عدالت ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جا آمدني کان وڌيڪ اثاثن تي نيب ريفرنس ۾ گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا، ٻڌڻيءَ دوران اسحاق ڊار عدالت ۾ پيش ٿيو،

وڪيل گرفتاري وارنٽ مستقل طور تي ختم ڪرڻ جي استدعا ڪندي چيو ته نيب به جاري ڪيل وارنٽ به رد ٿي ويا، عدالت اسحاق ڊار جا گرفتاري وارنٽ ملتوي ڪندي 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اسحاق ڊار پاران ملڪيت ضبطگي خلاف ۽ حاضريءَ کان مستقل ڇوٽ واريون درخواستون به داخل ڪرايون ويون.

وڌيڪ پڙهو: