شوبز

October 5, 2022 4:01 pm

انجلينا جولي عدالت ۾ بريڊ پٽ خلاف لڳايل الزامن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا

اينجلينا جولي عدالت ۾ اڳوڻي مڙس ۽ اداڪار بريڊ پٽ پاران بدسلوڪي جا تفصيلي الزام هنيا آهن.

اينجلينا جولي طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته 2016ع ۾ هڪ اڏام دوران بريڊ پٽ سندس مٿي کي پڪڙي کيس ڌڪ هنيو، پوءِ سندس هڪ ٻار جو گلا هنيو ۽ ٻئي ٻار کي ماريو.

پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار جوڙي وچ ۾ خانگي اڏام دوران بدفعلي جي واقعي جو سبب فرانسيسي گهر ۽ گڏيل ملڪيت هئي.

واضح رهي ته 14 سيپٽمبر 2016ع تي اينجلينا جولي ۽ ان جي اڳوڻي مڙس بريڊ پٽ وچ ۾ خانگي اڏام ۾ بدفعلي جو واقعو پيش آيو هو.

47 ورهين جي آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪارا ۽ هدايتڪار اينجلينا جولي ۽ 58 ورهين جو آسڪر ايوارڊ ماڻيندڙ اداڪار بريڊ پٽ 12 سالن کان هالي ووڊ جي مشهور جوڙن ۾ شامل آهن.

ياد رهي ته انجلينا جولي ۽ بريڊ پٽ 2014ع ۾ شادي ڪئي هئي پر اختلافن سبب اينجلينا جولي 2016ع ۾ بريڊ پٽ کان ڌار ٿيڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي عدالت ٻنهي کي 2019ع ۾ سنگل قرار ڏئي ڇڏيو هو.

وڌيڪ پڙهو: