شوبز

October 2, 2022 1:57 pm

پريانڪا چوپڙا آمريڪي نائب صدر کي ڇا چيو؟

بالي ووڊ اداڪارا پريانڪا چوپڙا آمريڪا جي نائب صدر ڪملا هيرس سان ڪيل گفتگو بابت سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي.

پريانڪا چوپڙا انسٽاگرام تي تصويرون ۽ وڊيوز پوسٽ ڪندي چيو ته آمريڪي نائب صدر اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته هن آمريڪي نائب صدر کي چيو ته مان آمريڪا ۾ ووٽ نه ڏيندي آهيان پر منهنجو مڙس ووٽ ڏئي سگهي ٿو ۽ هڪ ڏينهن منهنجي ڌيءَ به ووٽ ڏيندي.

ڀارتي اداڪارا پنهنجي ڳالهه ٻولهه بابت وڌيڪ لکيو ته شروع کان وٺي دنيا عورتن جي طاقت کي دٻائي رهي آهي پر هاڻي عورتون اهڙي جاءِ تي پهتيون آهن جتي اهي گڏ ٿي سگهن ٿيون ۽ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون غلطين کي درست ڪرڻ لاءِ.

وڌيڪ پڙهو: