سنڌ

September 29, 2022 5:19 pm

حاڪم علي ابڙو SMBBMU جو وقتي وائيس چانسلر مقرر

سنڌ حڪومت سينيئر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو کي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻي جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيوآهي،جنهن جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير جي منظوري سان يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو کي يونيورسٽي جو وقتي چانسلر مقرر ڪيو آهي، جيڪو مستقل وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ تائين ذميواريون نڀائيندو رهندو.

اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطاءُالرحمان ڪجهه ڏينهن اڳ رٽائرڊ ٿي هئي،جنهن پاران  چارج ڇڏڻ بعد يونيورسٽي بغير وائيس چانسلر جي هلي رهي هئي.

ان کان شهيد ه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي طرفان وڏي وزير کي سمري اماڻي وئي هئي جنهن ۾ پروفيسر پروفيسر ڊاڪٽر علي اڪبر ڀنڊ، پروفيسر ڊاڪٽر گلزار احمد شيخ، پروفيسر آف فارميسي پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد شيخ ۽ پروفيسر آف ميڊيسن پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي ابڙو جا نالا شامل آهن

وڌيڪ پڙهو: