پاڪستان

September 29, 2022 4:29 pm

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو

وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو هنگامي اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو،

آڊيو ليڪس بابت قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي،

قانون واري وزير،   اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آڊيو ليڪس کانپوءِ عمران خان جو سازشي بيانيو سامهون اچي چڪو آهي، اسان کي صفائي ڏيڻ جي ضرورت ناهي ته آڊيو ٽيپ سازش هئي يا نه،

عمران خان سائفر تي کيڏڻ جي ڳالهه ڪئي،

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قانون جي وزير چيو ته اهڙا سائفر روزانو جي بنياد تي ايندا رهندا آهن،

رياست جي مفاد ۾ جيڪو ڪجهه هوندو، اهو ئي فيصلو ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: