اهم خبرون

پاڪستان

September 29, 2022 4:20 pm

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا معطل، مريم نواز بري ٿي وئي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مسلم ليگ ن جـِي نائب صدر مريم نواز ۽ سندس ور ڪيپٽن (ريٽائرڊ) صفدر جـِي سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪري ڇڏيو،

جسٽس عامر فاروق جـِي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جـِي 2 رڪني بينچ مريم نواز جـِي سزا خلاف اپيل منظور ڪري ورتي،

عدالت مختصر فيصلو جاري ڪندي مريم نواز جـِي 7 سال قيد ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر کي ٻڌايل هڪ سال قيد واري سزا ڪالعدم قرار ڏني، عدالتي فيصلي بعد مريم نواز جي نااهلي  به ختم ٿي وئي،

عدالت رمارڪس ڏنا ته هن ڪيس ۾ سمورن جوابدارن کي ڪجهه چوڻ ئي نه گهرجي ها، مريم نواز ڪنهن به عوامي عهدي تي ناهي رهي، سندس خلاف اثاثن جو ڪيس نٿو ٺهي سگهي،

آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ مريم نواز ۽ نواز شريف جو تعلق ٺهي ئي نٿو،

احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز کي 7 سال قيد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي،ساڳي ڪيس ۾  سهڪار نه ڪرڻ تي ڪيپٽن (رٽائرڊ) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: