سنڌ

September 29, 2022 1:56 pm

سکر بورڊ جي چيئرمين خورشيد شاهه جي ڀاءُ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي 70 ورهين جي ڀاءُ سيد مجتبي شاهه کي سکر تعليمي بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽايو ويو.

سيد مجتبي شاهه گذريل 12 سالن کان سکر تعليمي بورڊ جو چيئرمين مقرر هو.

مواماڪا بورڊز ۽ يونيورسٽين جي سيڪريٽري مريد رحمان خميس ڏينهن هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي کيس چيئرمين جي عهدي تان هٽائي ڇڏيو.

سکر بورڊ جي گريڊ 19 جي آفيسر رفيق احمد پلھ کي چيئرمين بورڊ جون اضافي ذميواريون سونپيون ويون آھن.

ياد رهي ته گذريل سال سکر بورڊ سميت سنڌ جي 5 تعليمي بورڊن ۾ سرچ ڪميٽي چيئرمين لاءِ اميدوارن جي چونڊ ڪئي هئي، جنهن جي ٽن انٽيليجنس ادارن کان ڪليئرنس پڻ حاصل ڪئي وئي هئي.

پر سياسي دٻاءُ سبب انهن اميدوارن کي مقرري جا ليٽر جاري نه ڪيا ويا ۽ بعد ۾ ان سلسلي ۾ درخواست داخل ڪري اسٽينڊنگ ورتي وئي، جنهن کي ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود بورڊز ۽ يونيورسٽين جي ڊپارٽمينٽ مڪمل نه ڪيو آهي.

وڌيڪ پڙهو: