اهم خبرون

سنڌ

September 29, 2022 1:45 pm

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب فوتي ٿي ويلن جو انگ 753 ٿي ويو

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ سبب فوتي ٿي ويلن جو انگ 753 ٿي ويو،

8 هزار 423 زخمي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته برسات کانپوءِ ڪيترن علائقن ۾ متاثرن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي،

سنڌ حڪومت بنا ڪنهن فرق ۽ رنگ نسل جي سڀني جي مدد ڪري رهي آهي،

وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سمورا عوامي نمائندا متاثرن جي مدد لاءِ فيلڊ ۾ موجود آهن،

جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته خيمن،

مڇر دانين ۽ ٻي امدادي شين جي فراهمي ۾ سرندي وارن جو سهڪار واکاڻ جوڳو آهي،

صوبي ۾ متاثرن لاءِ 27 سئو 49 رليف ڪيمپس قائم ڪيون ويون آهن، جتي کين پچايل کاڌو،

پيئڻ جو صاف پاڻي، دوائون ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

وڌيڪ پڙهو: