اهم خبرون

سنڌ

September 29, 2022 1:43 pm

گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين مرضن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون:وڏو وزير

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين مرضن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ٻارن ۽ عورتن لاءِ نيوٽريشن سپليمينٽ جي ضرورت آهي،

سنڌ ۾ ايتري وڏي آبادي اڳ ۾ متاثر ناهي ٿي، 6 لک ماڻهن کي رليف ڪيمپ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي،

صاف پاڻي جو بندوبست ٿي وڃي ته گيسٽرو جهڙن مرضن کي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو،

وڏي وزير سان صحت واري عالمي اداري ڊبليو ايڇ او جي وفد ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مائيڪل ريان جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي،

ڊبليو ايڇ او جي وفد چيو ته سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري چڪا آهيون،

ٻارن ۾ گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين سبب مسئلا آهن، ڊبليو ايڇ او سنڌ حڪومت جي ڀرپور مدد ڪندي،

صحت واري وزير عذرا پيچوهو چيو ته جيڪي عورتون ڪيمپن يا روڊ رستن تي ويٺل آهن،

انهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيا.

وڌيڪ پڙهو: