رانديون

September 28, 2022 12:53 pm

ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ آسٽريلوي ٽيم جو اعلان

آسٽريليا ويسٽ انڊيز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب آرون فنچ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت ڪندو جڏهن ته ڪيمرون گرين کي ٽيم ۾ برقرار رکيو ويو آهي.

آسٽريلوي ٽيم ۾ ڊيوڊ وارنر، مچل مارش، مارڪس اسٽونز ۽ مچل اسٽارڪ جي واپسي ٿي وئي آهي، اهي چارئي رانديگر ڀارت خلاف سيريز لاءِ ٽيم جو حصو نه هئا.

آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 5 آڪٽوبر تي گولڊ ڪوسٽ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ميچ 7 آڪٽوبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي.

ويسٽ انڊيز کانپوءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.

 

وڌيڪ پڙهو: