رانديون

September 27, 2022 2:53 pm

پاڪستان ۽ انگلينڊ جون ٽيمون اڄ قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ ڪنديون

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي پنجين ميچ کان اڳ ٽيمون اڄ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ ڪنديون.

ٻنهي ٽيمن جو ٽريننگ سيشن شام 7 وڳي شروع ٿيندو ۽ ان دوران شهر ۾ موسم خوشگوار ٿي ويندي جڏهن ته ميچ سڀاڻي يعني اربع جي رات کي کيڏي ويندي.

ٽريننگ دوران گرمي پد وڌ ۾ وڌ 29 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گھٽ ۾ گھٽ 27 ڊگري سينٽي گريڊ هجڻ جو امڪان آهي.

نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ سيريز جي پهرين مرحلي جا چار ميچ کيڏيا ويا، جن مان پاڪستان ٻه ۽ انگلينڊ ٻه ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٻئي مرحلي ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا، ڇهين ٽي ٽوئنٽي ميچ سڀاڻي 30 سيپٽمبر تي جڏهن ته ستين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 2 آڪٽوبر تي کيڏي ويندي.

جڏهن ته ٻئي مرحلي جي ٽن ميچن جون ٽڪيٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن، قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽن ميچن لاءِ ٻه پچ تيار ڪيون ويون آهن.

وڌيڪ پڙهو: