بين الاقوامي

دنيا

September 27, 2022 1:56 pm

يوڪرين جي 4 علائقن جي روس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ريفرنڊم جو اڄ آخري ڏينهن

روس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ يوڪرين جي ماسڪو جي انتظام هيٺ 4 علائقن جي ووٽنگ جو اڄ آخري ڏينهن آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ريفرينڊم يوڪرين جي 4 علائقن ماسڪو، لوگانسڪ، ڊونيسڪ، ڪرسن ۽ زپوريزيا ۾ ٿي رهيو آهي.

روس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چئن علائقن جي ووٽنگ گذريل اڱاري تي شروع ٿي، روسي پارليامينٽ سان گڏ ڏينهن اندر الحاق جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ٻئي طرف ڪيوف ۽ مغربي ملڪن ريفرنڊم کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو آهي ته ڊونٽسڪ علائقو يوڪرين جو ئي رهندو.

ميڊيا رپورٽن موجب ان دوران يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ روسي ۽ يوڪريني فورسز وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.

وڌيڪ پڙهو: