شوبز

September 24, 2022 3:59 pm

سينيئر اداڪار سهيل احمد جي ڀارتي فلمن ۾ انٽري، فلم جو ٽريلر جاري

پاڪستان جي ليجنڊ اداڪار ۽ ميزبان سهيل احمد ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿي ويو.

سهيل احمد ڀارتي سپر اسٽار دلجيت دوسانجھ ۽ اداڪاره سرگن مهتا سان گڏ پنجابي ڀارتي فلم ”بابا ڀنگدي پاوندي ني“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا.

فلم جو پروڊيوس دلجيت دوسانجھ ڪيو آهي ۽ هدايتڪار امرجيت سنگهه آهي، فلم جي شوٽنگ آمريڪا ۾ ڪئي وئي آهي، تازو ئي فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سهيل احمد دلجيت جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو.

فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته دلجيت پنهنجي دوستن سان گڏ ڪاروبار سنڀالڻ ۽ پنهنجي پيء جي موت کان پوء انشورنس جي رقم گڏ ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري ٿو.

فلم جو ٽريلر دلجيت دوسانجھ سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو جنهن کي تمام گهڻو موٽ ملي رهي آهي پر فلم ايندڙ مهيني 5 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.

وڌيڪ پڙهو: