سنڌ

September 22, 2022 5:51 pm

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جي سروي لاءِ يونين سطح تي جوائنٽ سروي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جي سروي لاءِ يونين سطح تي جوائنٽ سروي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن.

جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ضلعي انتظاميه، پاڪ آرمي، اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل يوسيز جي سيڪريٽريز تي ٻڌل ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.

هن چيو ته ٻوڏ جي تباهڪارين کي نظر ۾ رکندي ڪنهن به يوسي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪميٽيون جوڙي سگهجن ٿيون.

صوبائي وزير چيو ته  سروي ڪميٽين جي مانيٽرنگ لاءِ ڊپٽي ڪمشنرز جي سربراهي ۾ سپروائيزري ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

هن  چيو ته ٻوڏ سبب وڌيڪ 17 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن بعد فوتين جو انگ 724 ٿي ويو آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته  سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته متاثرن جي بحالي تائين سک سان نه ويهنداسين.

وڌيڪ پڙهو: