پاڪستان

September 22, 2022 5:53 pm

چيف جسٽس جو رمارڪس آئين سان ٽڪراءُ آهي، فواد چوڌري

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس جي آبزرويشن آئين جي خلاف آهي.

قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ جي قدمن جي منظوري خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.

ان تي تبصرو ڪندي فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ٿيندڙ ضمني چونڊن تي ڪيترو خرچ ٿيندو.

ان تي هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي خبر ناهي ته حڪومتي تبديلي جي آپريشن ۾ هن وقت تائين پاڪستان کي 5 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عوام هن اسيمبلي کي نمائندو نه ٿو سمجهي، اسان چونڊ خرچن کان وڌيڪ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون، جنهن اليڪشن روڪي ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: