پاڪستان

September 22, 2022 4:20 pm

1 جولاءِ کان اڄ تائين ملڪ ۾ برساتن جي ڊيٽا

مون سون دوران ملڪ ۾ پهرين جولاءِ کان اڄ تائين برساتن جو انگ اکر جاري ڪيو ويو آهي.

موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ معمول کان 178 سيڪڙو وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي. مون سون دوران ملڪ ۾ عام سراسري برسات 138 ملي ميٽر ٿيندي آهي.

موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ معمول کان 428 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. صوبي ۾ معمولي برسات جو رڪارڊ 133.1 ملي ميٽر آهي.

هن سال سنڌ ۾ 703.1 ملي ميٽر، بلوچستان ۾ 320.7 ملي ميٽر، پنجاب ۾ 385.5 ملي ميٽر ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 331 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

بلوچستان ۾ عام اوسط کان 455 سيڪڙو وڌيڪ برسات پئي. بلوچستان ۾ عام برسات جو رڪارڊ 57.7 ملي ميٽر آهي

پنجاب ۾ معمول کان 70 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون. پنجاب ۾ رڪارڊ عام برسات 226.7 ملي ميٽر آهي.

موسميات کاتي موجب گلگت بلتستان ۾ معمول کان 103 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون، هتي عام برساتن جو رڪارڊ 38 ملي ميٽر آهي.

خيبرپختونخواهه ۾ معمول کان 33 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون، جنهن ۾ 248.1 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

موسميات کاتي جي انگن اکرن موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معمول کان 5 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معمول جي برسات جو رڪارڊ 377.2 ملي ميٽر آهي.

هن سال آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 359.3 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي

وڌيڪ پڙهو: