اهم خبرون

سنڌ

September 22, 2022 3:28 pm

سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نقصان جي سروي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سروي لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي گڏيل سروي ڪميٽيون جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ ضلعي انتظاميا، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ لاڳاپيل يوسيز جا نمائندا شامل هوندا.

شرجيل ميمڻ چيو ته نقصانن جي حوالي سان يو سي ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪميٽيون ٺاهي سگهجن ٿيون، ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ضلعي نگران ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

هن چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن مان وڌيڪ 17 فوتگيون ٿيون آهن، جنهن کانپوءِ انگ وڌي 724 ٿي ويو آهي، تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته 23 هزار 312 ڍور مري ويا آهن، فوتين جو مجموعي انگ 3 لک 13 هزار 509 تائين پهچي ويو آهي، 10 لک 61 هزار 776 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته 7 لک 20 هزار 749 گهر مڪمل طور تباهه ٿيا آهن. ڪري ويا آهن.

صوبائي وزير اهو به چيو ته 1 ڪروڙ 9 لک 46 هزار 553 ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 21 لک 27 هزار 311 خاندان متاثر ٿيا آهن، مجموعي طور 72 لک 56 هزار 981 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، متاثرن جو انگ 2 لک 84 ٿي ويو آهي. 1 هزار 625 خيما ۽ 2 لک 47 هزار 512 پلاسٽڪ جي ترپالون ڏنيون ويون آهن، 7 لک 36 هزار 949 خاندانن کي راشن جا ٿيلها ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت امدادي ڪارروايون جاري رکندي.

وڌيڪ پڙهو: