اهم خبرون

پاڪستان

September 22, 2022 3:25 pm

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي عمران خان معافي وٺي ڇڏي

عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان معافي وٺي ڇڏي،

عدالت پاران کيس لکت ۾ حلف نامو جمع ڪرائڻ جو حڪم،

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بينچ آڏو ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي عمران خان معافي گهري ورتي، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته  عورت جج کي ڌمڪائڻ جي نيت نه هئي،

جيڪڏهن کيس تڪليف پهتي آهي ته ذاتي حيثيت ۾ معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان،

چيف جسٽس عمران خان جي معافي بعد فرد جرم جي ڪارروائي روڪيندي چيو ته عمران خان جي معافي واري عمل کي ساراهيون ٿا، 29 سيپٽمبر تي حلف نامو جمع ڪرايو وڃي، جنهن جو جائزو وٺنداسين.

وڌيڪ پڙهو: