شوبز

September 20, 2022 1:45 pm

فواد خان ايوارڊ شوز کي ناپسند ڇو ٿو ڪري؟

پاڪستاني اسٽار فواد خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ايوارڊ شوز پسند ناهي.

تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ فواد خان ايوارڊ شوز بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته مان ذاتي طور تي ايوارڊ شوز کي پسند نٿو ڪريان.

پاڪستان جي سمورن وڏن ايوارڊ شوز تي حڪومت ڪرڻ جي باوجود اهڙن شوز لاءِ پنهنجي بيزاريءَ جو اظهار ڪندي هن چيو ته ”منهنجو خيال آهي

ته ايوارڊ شوز باصلاحيت اداڪارن کي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيهارڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿا ڪن ۽ هو ان ڳالهه سان متفق نه آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ايوارڊ شوز ۾ ڪيترائي ڀيرا تمام سٺي پرفارمنس کي صرف ان ڪري نظر انداز ڪيو ويندو آهي

ڇاڪاڻ ته انهن کي گهڻي تعريف نه ملي جڏهن ته جنهن پرفارمنس کي وڌيڪ تعريف ملي ان کي ساراهيو وڃي ٿو.

پنهنجي انٽرويو ۾ فواد خان سڄي دنيا مان اهڙن ايوارڊ شوز جا مثال به ڏنا، جتي اهڙو رويو ڏٺو ويو آهي.

وڌيڪ پڙهو: