رانديون

September 20, 2022 1:29 pm

خيبرپختونخواهه کي شڪست ڏئي سنڌ پهريون ڀيرو قومي ٽي 20 چيمپيئن بڻجي وئي

سنڌ نيشنل ٽي 20 چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن خيبرپختونخواهه کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ٽائيٽل کٽي ورتو.

ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ خيبرپختونخوا جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

دفاعي چيمپيئن ٽيم آخري اوور ۾ 140 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.

سنڌ طرفان سهيل خان 4 وڪيٽون وٺي پنهنجي ٽيم جو پهريون ٽائيٽل کٽڻ جو بنياد رکيو.

هن 4 اوورن ۾ 18 رنسون ڏئي 4 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته مير حمزه ۽ آصف محمود 2 وڪيٽون کڻي شاندار رهيا.

خيبرپختونخواه طرفان ريحان آفريدي 43 ۽ محمد سرور 30 ​​رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

آسان هدف جو تعاقب ڪندي سنڌ جي اوپنرز شرجيل خان ۽ صائم ايوب جارحاڻي انداز ۾ راند کيڏي ۽ خيبرپختونخواهه کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو.

شرجيل خان 53 ۽ وسيم ايوب 36 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، ڪپتان سعود شڪيل 18 ۽ عمر يوسف 21 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا.

سنڌ 15هين اوور جي چوٿين بال تي هدف حاصل ڪري پهريون ڀيرو قومي ٽي 20 چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو.

سنڌ جي سهيل خان کي شاندار بالنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

وڌيڪ پڙهو: