ناليوارو اديب ۽ شاعر امداد حسيني اڄ صبح جو ساهه جو سڳو ٽٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، امداد حسيني ساهه جي تڪليف سبب اسپتال ۾ داخل هو، جتان کيس گهر منتقل ڪيو ويو.
امداد حسيني جي جنازي نماز ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، سندس تدفين حيدرآباد ۾ ٿيندي.
امداد حسيني جي جنازي نماز ۾آرٽس ڪائونسل جي صدر احمد شاهه، پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه محمد پيرزادو، اخلاق انصاري، خليل شيخ ۽ امر پيرزادو شرڪت ڪئي.
جنازي نماز ۾ ضياءَ ابڙو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ايوب گاد، مسرور پيرزادو، حبيب الله ميمڻ، جاويد شيخ، سليمان وساڻ، خدا بخش ابڙو، نصير گوپانگ، رکيل مورائي، سهراب سومرو، علي گل ملاح، رفيق جعفري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
امداد حسيني سنڌي ادب جو چمندڙ ستارو هو، هن سنڌي توڙي اردو ۾ شاعري ڪئي،هن جي شاعري رومانس سان گڏ ڌرتي جي ڏکن ۽ پيڙائن سان ڀرپور آهي.
امداد حسيني 10مارچ 1940 ۾ جنم ورتو، هن حيدرآباد جي شهر ٽکڙ ۾ جنم ورتو،هن سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي،هن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي ۽ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪيو.
امداد حسيني مشهور رسالي مهراڻ جو ايڊيٽر به رهيو،هن جي مشهور ڪتابن ۾ هوا جي سامهون،شهر، امداد آهي رول ۽ ٻيا شامل آهن.
هن سنڌي ڪتابن جو اردو ۾ ترجمو به ڪيو،امداد حسيني کي پرائڊ آف پرفارمنس، جوش مليح آبادي لائيف اچيومنٽ ايوارڊ ۽ علاما اقبال ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ٻئي طرف امداد حسيني جي وفات تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪندي پونئيرن سان تعزيت ڪئي.