سنڌ

August 24, 2022 12:07 pm

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن کان هلڪي برسات جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ برسات حيدرآباد ۾ 101 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.موسميات کاتي جي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ اولڊ ايريا تي 4.4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه حيدرآباد شهر ۾ 101، بدين ۾ 90، ميرپورخاص ۾ 84، ٽنڊي ڄام ۾ 80، ڇور ۾ 77، سکر ۾ 69، پڊعيدن ۾ 65 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 61 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب روهڙي ۾ 41، ٺٽي ۾ 33، خيرپور ۾ 31، دادو ۾ 30، سکر ۽ موهن جو دڙو ۾ 24، 24، لاڙڪاڻي ۾ 21 ۽ جيڪب آباد ۾ 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب اڄ صبح 8 وڳي تائين سانگهڙ ۾ 37.6 ملي ميٽر، پي اي ايف بيس ٻولهاڙي ۾ 58.5 ملي ميٽر، اسلام ڪوٽ ۾ 2 ملي ميٽر، ننگرپارڪر ۾ 15 ملي ميٽر، ڇاڇرو ۾ 58 ملي ميٽر ميٽر برسات پئي.

وڌيڪ پڙهو: