پاڪستان

August 24, 2022 11:57 am

بلوچستان ۾ تيز برسات : ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ لاءِ بند

بلوچستان ۾ تيز برسات سبب ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه هڪ ڀيرو ٻيهر ٽريفڪ لاءِ بند ،ڊپٽي ڪمشنر مستونگ سلطان بگٽي موجب لسٻيلا ضلعي ۾ ٻيهر تيز برساتن سبب ٻوڏ جو پاڻي گذري رهيو آهي ، جنهن سبب ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه هر قسم جي ٽريفڪ ۽ آمد و رفت جي لاءِ مڪمل طور تي معطل آهي.هن چيو ته ڪوئيٽا کان ڪراچي ويندڙ مسافرن کي ڪوچز، مال بردار گاڏين ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين ذريعي خبردار ڪيو آهي ته هو ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن ته جيئن سفر دوران کين ڪا به پريشاني پيش نه اچي. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته مسلسل برساتن سبب قومي شاهراهه گذرڻ جي قابل ناهي، ان ڪري ٽرانسپورٽر ۽ عام ماڻهو ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن. ان کان علاوه گوادر ۽ مڪران جو به ڪراچي کان رابطو ڪٽجي ويو، ٻنهي شهرن وچ ۾ عارضي رستو به ٻوڏ جي پاني ۾ لُڙهي ويو ، فورٽ منرو ۽ رکني ۾ برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ ٿي. ٻئي طرف بلوچستان ۽ پنجاب وچ ۾ ٽريفڪ اٺين ڏينهن به معطل آهي، بلوچستان خيبرپختونخواهه هاءِ وي به دانهسر وٽ 8 ڏينهن کان بند آهي، جتي 2 هزار کان وڌيڪ مال گاڏيون ۽ ننڍيون گاڏيون ڦاٿل آهن.

وڌيڪ پڙهو: