هولي شارٽس فلم فيسٽيول 2022 ۾ فلمساز سيماب گل جي شارٽ فلم ’سينڊ اسٽارم (ملاقات)‘ کي شارٽ فلمز جي ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊز لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي.
11 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين هلندڙ فيسٽيول جا ٽاپ 3 پوزيشن هولڊر پاڻمرادو آسڪر ايوارڊز جي ريس ۾ شامل ٿي ويندا آهن.
هن فيسٽيول ۾ فلم ”هليلوجا“ گرانڊ پرڪس کٽيو آهي، فلم ”سينڊ اسٽارم (ملاقات)“ بهترين لائيو ايڪشن جو ايوارڊ ۽ فلم ”اسڪيل“ بهترين اينيميشن جو ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.
هن فلم جي پروڊيوسر عبدالعزيز مرچنٽ فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي ٻڌايو ته سيماب گل جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ اها فلم ٻن اڪيڊمي ايوارڊز ڪواليفائنگ فيسٽيول،
هولي شارٽس فلم فيسٽيول ۽ فلڪر جي روڊ آئيلينڊ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ڏيکاري ويندي. آگسٽ 2022. ڪاميابي حاصل ڪئي.