پاڪستان

August 23, 2022 2:10 pm

عمران خان پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ اي ٽي سي ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

عمران خان پاران گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ اي ٽي سي ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم عمران خان گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ پنهنجي قانوني ٽيم سان مشاورت ڪئي جنهن بعد هن دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان اڄ اڱاري تي پنهنجي قانوني ٽيم جي ميمبرن سان ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ هو سياسي ڪميٽي جي ميمبرن سان به مشاورت ڪندو.ذريعن موجب عمران خان جي هري پور ريلي کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڃڻ جو امڪان آهي.واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس اهلڪارن ۽ عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي ٽن ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: